آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽرائنگولر ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽرائنگولر سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) جمعي تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊتي کيڏي ويندي. ٽرائنگولر سيريز ۾ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. سيريز جي ٻي ميچ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 18 جنوري تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 20 جنوري تي برسبين، چوٿين آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ 23 جنوري، پنجين ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 26 جنوري، ڇهين ميچ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 30 جنوري تي پرٿ جي جاءِ تي کيڏي ويندي. سيريز جي فائنل ميچ 2 فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين فيبروري تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *