آسٽريليا ۽ انگلينڊ انڊر 19 وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ يوٿ ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ (اڄ) اڱاري تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم آسٽريليا کي پنج ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان سرسي حاصل آهي، پهرين ون ڊي ۾ انگلش يوٿ ٻن وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري سرسي حاصل ڪئي هئي، پر گذريل ٻنهي ميچن ۾ آسٽريليا انڊر 19 شاندار ڪم بيڪ ڪيو، ٻين ميچ ۾ 8 وڪيٽن جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ 3 وڪيٽن تان فتح حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 23 اپريل تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *