آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ 16 ميمبرن تي ٻڌل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف دبئي ۾ 22 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ لاءِ 16ميمبرن تي ٻڌل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي. قومي سليڪشن ڪاميٽي چيف سليڪٽر معين خان جي سربراهي ۾ آسٽريليا خلاف ٿيندڙ چار ڏينهن واري ميچ ۾ رانديگرن جي پرفارمنس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ چيئرمين پي سي بي شهريار جي منظوري سان ٽيم جو اعلان ڪيو آهي. 16 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، اظهر علي، احسان عادل، حارث سهيل، عمران خان، مصباح الحق (ڪپتان)، محمد حفيظ، محمد طلحه، راحت علي، سرفراز احمد، شان مسعود، توفيق عمر، ياسر شاهه، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن. اسڪواڊ ۾ شامل 3 رانديگر ٽيسٽ ڊيبو ڪندا جن ۾ حارث سهيل، ياسر شاهه ۽ عمران خان شامل آهن. پاڪستاني ٽيم ۾ توفيق عمر، محمد حفيظ ۽ ذوالفقار بابر کي ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي. چيف سليڪٽر معين خان چيو ته ڪپتان مصباح الحق ۽ هيڊ ڪوچ وقار يونس جي مشوري سان بهترين رانديگرن تي ٻڌل ٽيم چونڊي وئي آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *