آسٽريليا جي انگلينڊ خلاف ٽه ملڪي سيريز جي چوٿين ميچ لاءِ مارش ۽ وائٽ جي ٽيم ۾ طلبي

هوبارٽ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر آرام جي غرض سان ٽه ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز ۾ انگلينڊ خلاف ميچ نه کيڏندو. شان مارش ۽ ڪيمرون وائٽ کي ٽيم ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جارج بيلي معطلي سبب ٽيم ۾ ناهي. ان لاءِ سندس جاءِ تي اسٽيون سمٿ اڳواڻي جا فرض انجام ڏيندو. آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ 23 جنوري تي هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. ڪينگروز ٽيم مسلسل ٻن ميچن ۾ کٽي پهرين نمبر تي آهي. آسٽريليا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب فاسٽ بالر جونس هينز کي کُڙيءَ ۾ سور سبب آرام جو موقعو ڏنو ويو آهي جڏهن ته مچل جانسن ذاتي سببن ڪري ٽيم ۾ شامل نه هوندو. وارنر ۽ بيلي جي غير موجودگي ۾ مارش ۽ وائٽ وت پنهنجي سليڪشن کي صحيح ثابت ڪرڻ جو موقعو آهي. جيڪڏهن ٽيم ايندڙ ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ته هو فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *