آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آئن ڪريگ لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جو ننڍي ڄمار وارو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان آئن ڪريگ 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو، ڪريگ 1953ع ۾ 17 سالن جي عمر ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف شروعات ڪندي آسٽريليا جي گهٽ عمر واري ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو، هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 11 ٽيسٽ ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، 58-1957ع ۾ آسٽريليا سندس قيادت ۾ ڏکڻ آفريقا جو ڪامياب دورو ڪيو، آئن ڪريگ نيو سائوٿ ويلز طرفان 144 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون ۽ 7 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *