آئي سي سي پاران ٽي ٽوئنٽي جي نئين رينڪنگ جاري،ويسٽ انڊيز پهرين،پاڪستان 7 نمبر تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري (آئي سي سي ) ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جي نئين رينڪنگ  جاري ڪري ڇڏي آهي،جنهن هيٺ پاڪستان وڌيڪ هڪ درجو پوئتي هٺي 7 نمبر تي پهچي ويو.آئي سي سي ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران ٿورڙي وقت واري ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي جي نئين رينڪنگ جاري ڪئي آهي،جنهن ۾ ويسٽ انڊيز پهرين نمبر تي،آسٽريليا ٻئين نمبر تي.جڏهن ته نيوزيلينڊ کان مات ملڻ کانپوءِ سريلنڪن ٽيم جو ٻيون نمبر ختم ٿي ويو ۽ ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي.عالمي رينڪنگ ۾ انگلينڊ چوٿين نمبر تي،ڏکڻ آفريڪا پنجين،نيوزيلينڊ ڇهين ۽ پاڪستان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 7 نمبر تي اچي وئي آهي.اهڙي طرح ڀارت به پنهنجي خراب راند سبب اٺين نمبر تي پهچي وئي،افغانستان 9 جڏهن ته بنگلاديش 10 هين نمبر تي موجود آهي.ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪو به پاڪستاني بيٽسمين پهرين 10 بهترين رانديگرن جي فهرست ۾ شامل نه ٿي سگهيو،بهترين بيٽسمينن جي فهرست ۾ آسٽريليا جو ايرون فنچ پهرين،ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٻئين نمبر تي انگلينڊ جو ويلز ٽئين،ڏکڻ آفريڪا جو فاف ڊوپليسي چوٿين ۽ نيوزيلينڊ جو ڪپتان برينڊن ميڪ ڪولم  پنجين نمبر تي موجود آهي.بهترين بالرن جي فهرست ۾ پاڪستان پاران رڳو شاهد آفريدي جاءِ ٺاهي سگهيو،پر سندس نمبر به ڇهون آهي،سنيل نارائڻ بالنگ تي پابندي کانپوءِ به پهرين نمبر تي ڄميل آهي.آئي سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ مطابق بهترين آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين،شاهد خان آفريدي ٻئين نمبر تي اچي ويو، شين واٽسن به ٽيون نمبر کڻڻ  ۾ ڪامياب ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *