آءِ پي ايل ۾ اڄ ٻه ميچون کيڏيون وينديون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ (اڄ) سومر تي وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز ۽ رائل چيلينجرز بنگلور جون ٽيمون چنائي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، چنائي سپر ڪنگز 12 پوائنٽس سان ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلور 9 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي، ليگ جي ٻئين ميچ دفاعي چيمپين ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ سن رائيڊرز حيدرآباد وچ ۾ وانکيڊي اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏي ويندي، ڪولڪتا 9 پوائنٽس سان چوٿين ۽ حيدرآباد 8 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *