آءِ پي ايل گورننگ ڪائونسل جو اجلاس 20 آڪٽوبر تي ٿيندو

ڪلڪته (اسپورٽس نيوز)انڊين پريميئر ڪرڪيٽ ليگ (آءِ پي ايل) گورننگ ڪونسل جو اجلاس 20 آڪٽوبر تي ڪلڪته ۾ ٿيندو، جنهن ۾ آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو، آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ ڪلڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جنهن جي ڪري ڪلڪته شهر هڪ ڀيرو ٻيهر افتتاحي تقريب جي ميزباني ڪندو. سي اي بي جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آءِ پي ايل گورننگ ڪونسل جي ميمبر سبير گنگولي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اجلاس ۾ اسان افتتاحي تقريب لاءِ ميزبان شهر کي حتمي شڪل ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *