آءِ پي ايل جي افتتاحي تقريب منعقد ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار

ڪلڪتا(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل افتتاحي تقريب منعقد ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي فنڪارن جي تنظيم بغير اجازت گانو هلائڻ خلاف ليگل نوٽس انتظاميه کي موڪلي ڇڏيو لائسنس بغير ميوزڪ جي استعمال تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي انڊين پريميئر ليگ اڳ جيان هن ڀيري به پنهنجي افتتاحي تقريب کي بالي ووڊ جو تڙڪو لڳائڻ جي تياري ڪئي پر تقريب سجڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي، گانن جي رائٽس جو معاملو سامهون اچي ويو آهي ان تقريب ۾ ريتڪ روشڻ، شاهد ڪپور، فرحان اختر، انوشڪا شرما ۽ ٻين فنڪارن کي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو آهي ڪلڪتا جي سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ اربع تي ٿيندڙ ان تقريب کان اڳ ئي انڊين پرفارمنس رائٽ سوسائٽي انتظاميه کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي ان تنظيم ۾ مجموعي طور تي 3500 ليکڪ، شاعر، موسيقار، پبلشر ۽ فلم پروڊيوسرز شامل آهن اها ئي تنظيم ڪنهن به عوامي تقريب ۾ گانو وغيره وڄائڻ يا وري لکت وارو مواد استعمال ڪرڻ جي حوالي سان جاري ڪندي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني لاڳاپيل فنڪارن يا اديبن کي پهچائي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *