آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) شارجا ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ جي ٽِن ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان سري لنڪا کي 3-0 تان هارائڻ تي قومي عورتاڻي ٽيم کي پوائنٽن جي ٽيبل تي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو، پروگرام موجب هي سيريز 2017ع تي انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ويمن ورلڊڪپ ۾ نمائندگي ڏياريندي، طريقيڪار موجب اڍائي سالن ۾ سڀني ٽيمن سان پنهنجي ۽ ٻين جي سرزمين تي کيڏيل سيريز کان پوءِ ٽاپ چئن ٽيمن کي ٻن سالن کان پوءِ شيڊيولڊ ميگا ايونٽ ۾ پاڻ ئي نمائندگي ملي ويندي، فهرست ۾ سڀ کان اڳيان آسٽريليا آهي، ٻئي نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جڏهن ته ٽئين نمبر تي ويسٽ انڊيز آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *