آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ چيمپئن شپ، ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي 53 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي 53 رنسن تان هارائي 2 پوائنٽس حاصل ڪري ورتا. سريلنڪا جي ٽيم 225 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 172 رنسون ٺاهي سگهي. اربع ڏينهن ڪولمبو ۾ ٿيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي عورتن واري ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 225 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر اوورن ۾ 9 رنسن تي 172 رنسون ٺاهي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *