آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شورع، 58 ڏينهن باقي

دبئي(اسورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. ميگا ايونٽ منعقد ٿيڻ ۾ 58 ڏينهن باقي رهجي ويا. ورلڊ ڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ لڳندو. ڀارتجي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ورلڊ ڪپ ڪائونٽ ڊائون جي 100 ڏينهن واري تقريب گذريل ڏينهن دبئي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ دفعاي چيمپئن ڀارت، پاڪستان، آستريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ سڄي دنيا مان 14 ٽيمون عالمي ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *