آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015 ڪائونٽ ڊائون شروع، 85 ڏينهن باقي

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015 ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، ميگا ايونٽ جي منعقد ٿيڻ ۾ 85 ڏينهن باقي آهن، ورلڊ ڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ شروع ٿيندو، ڀارتجي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جڏهن ته ڀارت 2014ع ۾ منعقد ڪيل ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي هارائي ٻيون ڀيرو عالمي چيمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، ورلڊ ڪائونٽ ڊائون جي 100 ڏينهن جي تقريب گذريل ڏينهن دبئي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ دفاعي عالمي چيمپين ڀارت، پاڪستان، آسٽريليا ۽ بين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، ان ايونٽ ۾ ڪرڪيٽ جون 14 ٽيمون عالمي ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اينديون، انهن ٽيمن کي ٻن مختلف گروپس ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپين ڀارت، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اي جي ٽيم سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *