آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع باقي 93 ڏينهن، ورلڊڪپ ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ ڊالر انعامي رقم ورهائي ويندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. ميگا ايونٽ منعقد ٿيڻ ۾ باقي 94 ڏينهن رهجي ويا آهن. ورلڊڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو. ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ورلڊڪپ ڪائونٽ ڊائون جي تقريب دبئي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2015ع ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ ڊالر انعامي رقم ورهائي ويندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ورلڊڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني.جنهن ۾ انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو جيڪا گذريل ورلڊڪپ جي رقم کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن ڪا به ٽيم هڪ به ميچ هارائڻ کان سواءِ فائينل کٽندي ته ان کي 40 لک 20 هزار ڊالر انعامي رقم ڏني ويندي. جڏهن ته رنر اپ کي 17 لک 50 هزار ڊالر ۽ سيمي فائينل هارائيندڙ ٽيمن کي 6 لک ڊالر ڏنا ويندا. دبئي ۾ ۾ ٿيل اجلاس ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آستريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جون 14 ٽيمون کيڏنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ 7 ٽيمون شامل آهن. گروپ اي ۾ نيوزيلينڊ. سريلنڪا، آسٽريليا، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، افغانستان ۽ بنگلاديش. جڏهن ته گروپ بي جي ٽيمن ۾ سائوٿ آفريقا، زمبابوي، دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آئرلينڊ، ويسٽ انڊيز، يونائيٽيڊ عرب امارات شامل آهن. ٻنهي گروپن جي ٽيمن وچ ۾ ڪل 42 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن کان پوءِ ڪوارٽر فائينل مرحلو شروع ٿيندو. ٻنهي گروپن مان ٽاپ 4-4 ٽيمون چونڊيون وينديون. جن وچ ۾ 4 ڪوارٽر فائينل کيڏيا ويندا. انهن ڪوارٽر فائينلن مان ڪي به کٽندڙ 4 ٽيمون چونڊيون وينديون جيڪي 2 سيمي فائينل کيڏنديون. ٻن سيمي فائينلن مان کٽندڙ ڪي به 2 ٽيمون پاڻ ۾ 29 مارچ آچر ڏينهن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي فائينل کيڏنديون. پهرين ميچ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ هيگلي اوول ڪرسٽ چرچ گرائونڊ تي ڇنڇر 14 فيبروري 2015ع تي پاڪستاني وقت مطابق شام جو 3 وڳي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *