آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ (اڄ) آمهون سامهون ٿيندا

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون نيلسن واري هنڌ آمهون سامهون ٿينديون، ميگا ايونٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو، تفصيل موجب يارهين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري اهي، ايونٽ ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ۾ گروپ بي جي ٽيمن ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ٽورنامينٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *