آءِ سي سي ورلڊ ڪپ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي ڪنهن به رانديگر کي شامل نه ڪيو ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بهترين رانديگرن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 12 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪوبه پاڪستاني رانديگر شامل ناهي، آءِ سي سي طرفان اعلان ڪيل ورلڊ ڪپ اليون ۾ نيوزيلينڊ جا 5، آسٽريليا جا 3 ۽ ڏکڻ آفريڪا جا 2 رانديگر جڏهن ته سريلنڪا ۽ زمبابوي جو هڪ هڪ رانديگر شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان، ڀارت، ويسٽ انڊيز، انگلينڊ ۽ بنگلاديش جو ڪوبه رانديگر ٽيم ۾ شامل نه ٿي سگهيو، آءِ سي سي جي ورلڊ ڪپ ٽيم ۾ نيوزلينڊ مان برينڊن مڪلم، مارٽن گپٽل، ڪوري اينڊرسن، ٽرينٽ بولٽ ۽ ڊينيئل ويٽوري کي شامل ڪيو يوو آهي جڏهن ته آسٽريليا مان اسٽيون سمٿ، مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل کي چونڊيو ويو آهي، ڏکڻ آفريڪا مان اي بي ڊويليئرز ۽ مورني مورڪل جڏهن ته سريلنڪا مان ڪمار سنگاڪارا کي شامل ڪيو ويو آهي، ميڪلم کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته برينڊن ٽيلر کي 12 رانديگر جي طور تي شامل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *