آءِ سي سي ورلڊڪپ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي تي خوش آهيان: آئن مورگن

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين آئن مورگن چيو آهي ته هو ورلڊڪپ ۾ پنهنجي پول جي ٽين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف پهرين ڪاميابي تي خوش آهيان. هن چيو ته فتح ٽيم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست کان پوءِ اسڪاٽ لينڊ خلاف ڪاميابي کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند ٿيو اهي جنهن جو فائدو ٽيم کي پهرين مارچ تي سريلنڪا خلاف پڻ ٿيندو. هن چيو ته معين علي جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسڪاٽ لينڊ خلاف ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته رانديگر ورلڊڪپ ۾ باقي رهيل ميچن ۾ به پڻ شاندار ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *