آءِ سي سي ورلڊڪپ ٽورنامينٽ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ باقي 51 ڏينهن

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊڪپ ٽورنامينٽ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ باقي 51 ڏينهن رهجي ويا آهن. ورلڊڪپ جو ميلو 14 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو. ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ٿيل ميگا ايونٽ جي فائينل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ورلڊڪپ ڪائونٽ ڊائون جي 100 ڏينهن واري تقريب دبئي ۾ منعقد ٿي چڪي جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آسٽريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ 14 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. انهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپيئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اي جي ٽيمن سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروري تي هڪ ٻئي خلاف ايڊيليڊ اول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ سريلنڪا ٽائيٽل جي ڊوڙ لاءِ مضبوط اميدوار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *