آءِ سي سي ورلڊڪپ لاءِ آئرلينڊ جي قطعي ٽيم جو اعلان

ڊبلن (اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ ايندڙ مهيني شيڊول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ لاءِ قطعي 15 ميمبرن واري ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وليم پورٽر فيلڊ ٽيم جو ڪپتان برقرار رهندو.پورٽر فيلڊ سميت ڪيون اوبرائن، نيل اوبرائن، ريڊ جائس ۽ جان موني ڪيريئر جو ٽيون ورلڊڪپ کيڏندا. آئرلينڊ جي ٽيم 16 فيبروري تي ويسٽ انڊيز خلاف ميچ سان مهم جي شروعات ڪندي. اعلانيل 15 ميمبرن واري اسڪواڊ ۾ وليم پورٽر فيلڊ ڪپتان جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ اينڊريو بلبرائن، پيٽر چيز، ايلڪس ڪيوسڪ، جارج ڊوڪريل، ريڊ جائس، اينڊريو ميڪرائن، جان سوني، ٽم مورنگ، ڪيون اوبرائن، نيل اوبرائن، پال اسٽرلنگ، اسٽورٽ ٿامسن، گيري ولسن ۽ ڪريگ ينگ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *