آءِ سي سي محمد عامر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث فاسٽ بالر محمد عامر جي سزا ۾ 6 مهينن جي مهلت ڏيندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دبئي ۾ آءِ س سي بورڊ ميٽنگ جي اجلاس ۾ اينٽي ڊوپنگ ۽ اينٽي ڪرپشن قانونن جي منظوري جي منظوري ڪئي وئي آءِ سي  سي جي اجلاس ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جي سزا ۾ نرمي جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پوءِ فاسٽ بالر جي سزا ۾ 6 مهينا نرمي ڪندي ان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آءِ سي سي اينٽي ڊوپنگي اينڊ اينٽي ڪرپشن  ڪميٽي جو چوڻ هو ته محمد عامر نه صرف پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو پر ڪرپشن جي خاتمي ۾ تعاون به ڪيو محمد عامر جو رويو مثبت رهيو ۽ اميد آهي ته عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آئنده به تعاون جاري رکندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *