آءِ سي سي سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن ٽيسٽ لاءِ پي سي بي کي تاريخ ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سعيد اجمل جي آفيشل بالنگ ٽيسٽ لاءِ پي سي بي کي تاريخ ڏئي ڇڏي، آءِ سي سي سعيد اجمل جي آفيشل بالنگ ٽيسٽ لاءِ پي سي بي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سعيد اجمل جي آفيشل بالنگ ٽيسٽ 24 جنوري تي ڀارتي شهر چنائي جي بائيو مڪينڪ ليب ۾ ٿيندي، ان کان پهريان سعيد اجمل پنهنجي آفيشل بالنگ ٽيسٽ آسٽريليا ۽ غير رسمي بالنگ ٽيسٽ انگلينڊ جي لوبرو يونيورسٽي ۾ ڏئي چڪو آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ به چنائي جي بائيو مڪينڪ ليب ۾ ان آفيشل بالنگ ٽيسٽ ڏئي چڪو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي گذريل ٽيسٽ مان ڪافي بهتر رزلٽ حاصل ڪيا هئا، هاڻ سعيد اجمل به چنائي ۾ آفيشل ٽيسٽ ڏيندو، پي سي بي چيئرمين پنهنجي گذريل ميڊيا ڪانفرنس  ۾ چئي چڪو آهي ته سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن پهريان کان بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *