آءِ سي سي جي صدارت لاءِ 3 آپشنز سامهون اچي ويا

ڍاڪا: آءِ سي سي جي صدارت لاءِ ٽي آپشنز سامهون اچي ويا، بنگلاديش استعيفيٰ ڏيندڙ مصطفيٰ ڪمال جي جاءِ تي نئون اميدوار نامزد ڪري يا چيئرمين سري نواسن ئي ٻٽي ذ۾يواريسنڀالي سگهي ٿو، پاڪستان جي نجم سيٺي کي به وقت کان اڳ صدر بڻجڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو حتمي فيصلو 15 اپريل کان شروع ٿيندڙ ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ ٿيندو، بنگلاديش سان تعلق رکندڙ استعيفيٰ ڏيندڙ مصطفيٰ ڪمال ورلڊ ڪپ جي فاتح سائيڊ کي ٽرافي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملڻ تي احتجاجن آءِ سي سي جص صدارت تان استعيفيٰ ڏني هئي ان جي عهدي جو مدو جون جي آخر ۾ ختم ٿيڻو هو هاڻ ان جي جاءِ ت ينئين صدر لاءِ 3 آپشنز سامهون آيا جن تي هلندڙ مهيني 15 ۽ 16تاريخ تي دبئي ۾ ٿيندڙ ايگزيڪٽو بورڊ اجلسا ۾ غور ڪيو ويندو پهروين آپشن ته اهو ئي آهي ته ايگزيڪٽو بورڊ بنگلاديش مان مصطفيٰ ڪمال جي جاءِ تي نامزد ڪرڻ جو چئي جنهن جو مدو صرف اڍائي مهينا ئي هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *