آءِ سي سي بورڊ جو بن ڏينهن وارو اجلاس (سڀاڻي) آءِ سي سي هيڊڪوارٽر دبئي ۾ شروع ٿيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) هلندڙ هفتي شيڊول انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) بورڊ اجلاس ۾ غيرقانوني بالنگ ايڪشنن، اينٽي ڪرپشن ۽ اينٽي ڊوپنگ معاملن سميت ٻين ڪيترن ئي اهم اشوز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. آءِ سي سي بورڊ جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس (سڀاڻي) اربع کان آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر دبئي ۾ شروع ٿيندو. آءِ سي سي طرفان جاري بينا موجب بورڊ اجلاس کان علاوه آءِ سي سي چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اجلاس سميت ٻين ڪيترن ئي ڪميٽين جا اجلاس پڻ ٿيندا. اجلاس ۾ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي ڪمپوزيشن، ورلڊڪپ ۾ اپليڪيشن آف دي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ، ايف ٽي پي، غيرقانوني بالنگ ايڪشنز، اينٽي ڪرپشن، اينٽي ڊوپنگ سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي بحث ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايندڙ مهيني شيڊول ورلڊڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ انتظامن کي قطعي شڪل پڻ ڏني ويندي. اجلاس ۾ سمورن ميمبر ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *