آءِ سي سيءَ چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي رسائيءَ جا امڪان اڃا به چٽا

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سيءَ چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي رسائيءَ جا امڪان اڃا به چٽا آهن ۽ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ 2-3 سان ڪاميابيءَ جي صورت ۾ پاڪستان چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ پهچي ويندو. آءِ سي سيءَ چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڪوليفاءِ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي رينڪنگ جي صورتحال واضح ٿي وئي آهي. هِن وقت آءِ سي سي رينڪنگ ۾ بنگلاديش 93 پوائنٽن سان ستين، 88 پوائنٽن سان ويسٽ انڊيز اٺين ۽ 87 پوائنٽن سان پاڪستان جو نائون نمبر آهي. هِن وقت پاڪستان کي سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي ڏکڻ آفريڪا واري چئلينج سان منهن ڏيڻو آهي ۽ ٻنهي ٽيمن جي لاءِ هلندڙ سيريزون تمام اهميت واريون آهن. جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ٽِن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي ڪلين سوئيپ ڪري ٿو ته بنگلاديش ٽيم ٽي پوائنٽون وڃائي 90 تي پڄي ويندي، جنهن سان گڏ ئي ان جي چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ شرڪت به خطري ۾ پئجي ويندي. ٻئي طرف پاڪستان کي چيمپئنز ٽرافيءَ تائين پڄڻ لاءِ سريلنڪا کي ون ڊي سيريز ۾  لازمي هارائڻو پوندو. جيڪڏهن گرين شرٽن سريلنڪا خلاف پنج ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 1-4 سان فتح ماڻي ته ملڪي ٽيم 92 پوائنٽن سان چيمپئنز ٽرافي تائين پهچي ويندي. سيريز ۾ 3-2 سان فتح تي ملڪي ٽيم جون پوائنٽون 90 ٿينديون ۽ پاڪستاني ٽيم رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز کان مٿي اچي ويندي، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي زمبابوي ۾ شيڊيولڊ ٽِه ملڪي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي لازمي هارائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *