آءِ سي سيءَ جو ايندڙ صدر نجم سيٺي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي گڏجاڻي کان پوءِ بنگلاديش سان تعلق رکندڙ آءِ سي سيءَ جي صدر مصطفيٰ ڪمال جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. آءِ سي سيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ مصطفيٰ ڪمال پاران استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ ايندڙ ٽِن مهينن تائين آءِ سي سيءَ جي صدر جي سيٽ خالي رکڻ کان پوءِ طئي ٿيل مقرر وقت تي ايندڙ صدر (نجم سيٺي) پنهنجو عهدو سنڀاليندو. ياد رهي ته آءِ سي سيءَ جو ايندڙ صدر نجم سيٺي آهي، جنهن بابت اميد پيدا ٿي هئي ته شايد کيس 3 ميهنا اڳ صدارت جو عهدو حوالي ڪيو وڃي، پر آءِ سي سيءَ جي تازي گڏجاڻيءَ ۾ اهڙين اڳڪٿين کي رد ڪندي سيٽ 3 مهينن تائين خالي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آءِ سي سيءَ پاڪستان زمبابوي سيريز جي لاءِ امپائر پاڪستان نه موڪلڻ بابت بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، خميس تي پاڪستاني خابرو ادارن ۾ خبرون هيون ته آءِ سي سيءَ پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ايندڙ مهيني امڪاني سيريز جي لاءِ ايليٽ پينل جي امپائر نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سان گڏ اڳڪٿيون ڪيون پي ويون ته پاڪستان کي سيريز جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت امپائر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، پر آءِ سي سي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اهڙي ڪنهن به خبر جي سختيءَ سان ترديد ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *