گيل خلاف ڊسيپلن جي ڀڃڪڙي وارو معاملو ختم

جارج ٽائون(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ اسٽار بيٽسمين ڪرس گيل ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ پهرئين مرحلي ۾ گيل خلاف ڊسيپلن جي ڀڃڪڙي وارو معاملو ختم ڪيو ويو آهي. ڪرس گيل جنوري ۾ ڪلائيو لائيڊ جي سربراهي ۾ سليڪشن پينل تي ڇتي تنقيد ڪندي سندس پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. پنهنجي دوستن ڊيوائن براوو ۽ ڪيرون پولارڊ جي ورلڊ ڪپ ايونٽ مان ٻاره ٿيڻ تي ناراض ڪرس گيل ٻنهي رانديگرن کي ڊراپ ڪرڻ کي وائڙائپ قرار ڏنو هو. ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گيل خلاف چارج 9 ته لڳايو پر مقرر وقت ۾ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. گذريل ڏينهن بورڊ گيل خلاف اهو معاملو ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *