گرين شرٽس ۽ مهمان ٽيم زمبابوي ون ڊي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ (اڄ)آمهون سامهون

لاهور(اسپورٽس نيوز) : پاڪستان جو مهمان ٽيم خلاف ون ڊي سيريز جو امتحان شروع ٿيڻ وارو آهي، قومي شاهين  اڄ  اڱاري ڏينهن مهمان ٽيم خلاف هڪ ڏينهن واري ميچ جو افتتاحي ميچ کيڏندي، ٽوئنٽي 20 سيريز ۾ فتح کانپوءِ شاهد آفريدي جي قيادت جو امتحان ته ختم ٿي ويو، هاڻ آهي ون ڊي ڪپتان اظهر علي جي واري، گرين شرٽس ۽ مهمان ٽيم زمبابوي ون ڊي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ سڀاڻي آمهون سامهون ٿيندا، ٻنهي ٽيمن  جا رانديگر پاڪستاني وقت موجب ڏينهن 2 وڳي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ان ايڪشن ٿيندا، قومي ڪپتان اظهر علي هوم گرائونڊ ۾ هڪ ڏينهن واري ميچ جو فاتحانو آغاز ڪرڻ لاءِ بي چين آهي، اظهر علي چيو آهي ته رانديگر حريف ٽيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ته ٻئي طرف زمبابوين ڪپتان چيو ته ٽيم جا حوصلا بلند آهن، سيريز کٽي ملڪ واپس موٽنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *