ڪيويز خلاف بهترين راند جو مظاهرو ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس: ڪرس گيل

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بيٽسمين ڪرس گيل چيو آهي ته هو ڪيويز خلاف ڪوارٽر فائنل ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ڪيويز خلاف ڪوارٽر فائنل ۾ ميچ کيڏڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته ڪيويز مضبوط ٽيم آهي ۽ ڪوارٽر فائنل کٽڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ڪا به ٽيم فيورٽ نه آهي، جيڪا ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابي ان جي ٿيندي، ڪرس گيل چيو ته ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچون هميشه مقابلي واريون ٿيون آهن، پر هوم گرائونڊ تي هجڻ ۽ ورلڊ ڪپ ٽائيٽل لاءِ فيورٽ هجڻ سبب دٻاءُ ڪيويز تي هوندو، جنهن جو فائدو وٺندي اسان کي جارحاڻي راند کيڏڻي پوندي، واضح رهي ته ميگا ايونٽ جي چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي ويسٽ پيڪ اسٽيڊيم ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *