ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽسمين مصباح الحق چيو آهي ته ٽيم با صلاحيت ۽ تجربيڪار رانديگرن تي ٻڌل آهي، ڪوارٽر فائنل ۾ ڪينگروز کي هارائڻ لاءِ رانديگرن کي راند جي ٽنهي شعبن ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بهترين فارم ۽ شاندار ڪارڪردگي باوجود ون ڊي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو فيصلو حتمي آهي جيڪو تبديل نه ٿيندو پر جيستائين فٽ آهيان ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جاري رکندس.هن چيو ته ريٽائرمنٽ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو اٿم، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي گهرجي ته اهو ڪنهن نوجوان رانديگر کي ٽيم جي قيادت سونپي.