ڪينگروز خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندسءِ احمد شهزاد

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي نامياري بيٽسمين احمد شهزاد چيو آهي ته هو آسٽريليا خلاف ڪوارٽر فائنل ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ڪينگروز خلاف ڪوارٽر فائنل ميچ کيڏڻ لاءِ بي تاب آهي. هن چيو ته آسٽريليائي بالنگ مضبوط آهي، ڪوارٽر فائنل کيڏڻ لاءِ هاڪاري ۽ جارحاڻي راند سان سخت ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ڪا به ٽيم فيوريٽ ناهي، جيڪا سٺي راند کيڏندي فتح ان کي نصيب ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *