ڪيريبين ليگ ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن جي نيلامي،شاهد آفريدي ڏيڍ لک ڊالرن ۾ وڪرو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ڪيريبين ليگ ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن جي نيلامي ٿي وئي جارحاڻي انداز جو مالڪ شاهد آفريدي، ڪرس گيل، ڊيرن سيمي ڏيڍ لک ڊالرن ۾ وڪرو ٿيا، ڪيريبين ليگ 2015ع لاءِ ٿيندڙ رانديگرن جي نيلامي ۾ شاهد آفريدي کي ٽاپ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو ليگ جي نئين فرنچائيز سينٽ ڪٽس ۽ نيوس هڪ لک پنجاهه هزار ڊالرن ۾ شاهد آفريدي جون خدمتون حاصل ڪري ورتون سهيل تنوير به 80 هزار ڊالرن ۾ ان ئي ٽيم جو حصو بنيو باربادوس ٽرائيڊنٽس پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ کي هڪ لک ڊالرن ۾ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جو هڪ ٻيو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل به ڪيريبين ليگ ۾ ايڪشن ۾ هوندو ان کي ٽرينيڊاڊ ٽوبيگو ريڊ اسٽيل 30 هزار ڊالرن ۾ حاصل ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *