ڪنهن به رانديگر جو نمبر هر هر تبديل ڪرڻ سان ان جو اعتماد متاثر ٿئي ٿو: ڪامران اڪمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل چيو آهي ته ڪنهن به رانديگر جو نمبر بار بار تبديل ڪيو وڃي ته ان سان اعتماد متاثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن ان کي موقعو مليو ته هو اوپننگ بيٽسمين جي حيثيت سان کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو، ڪامران اڪمل اڃا ٽيم ۾ آيو نه آهي پر ان چيو آهي ته بار بار بيٽنگ آرڊر تبديل نه ٿيڻ گهرجي، مان قومي ٽيم ۾ اوپنر جي حيثيت سان کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *