ڪمار سنگا ڪارا ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پنجون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) سري لنڪن ٽيم جو اسٽار بيٽسمين ڪمار سنگا ڪارا ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسن سان سال 2014ع جي پڄاڻي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. سنگا ڪارا اهو سنگ ميل عبور ڪندڙ دنيا جو پنجون ڪرڪيٽر بڻجي ويو. سال 2014ع سنگاڪار لاءِ ڀاڳ وارو ثابت ٿيو جنهن ۾ هو ٻنهي فارميٽس ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهي پهرين نمبر تي رهيو. هن هلندڙ سال 12 ٽيسٽ ميچن جون 22 اننگز کيڏيون 1493 رنسون ٺاهيون جن ۾ ان جون 4 شاندار سينچريون ۽ 9 ففٽيون شامل آهن. سري لنڪن ڪپتان اينجليو ميٿيوز 12 ميچون کيڏي 1317 رنسن سان ٻئين نمبر تي رهيو، هن 3 سينچريون ۽ 8 ففٽيون ٺاهيون، پاڪستان جو يونس خان 10 ميچن جون 20 اننگز کيڏي 1213 رنسن سان ٽئين نمبر تي رهيو، هن 6 سينچريون ۽ 2 ففٽيون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *