ڪمار سنگاڪارا ڀارت خلاف ٻين ٽيسٽ کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا ڀارت خلاف ٻين ٽيسٽ کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سريلنڪا جي بهترين رانديگر ڪمار سنگاڪارا پاڪستان خلاف ٻين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ڀارت خلاف ٻين ٽيسٽ کان پوءِ ٽيم جو حصو نه هوندس ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽان رٽائر ٿي ويندس، جڏهن ته  سنگاڪارا واضح ڪيو ته هو ڪجھه اڻٽر سببن جي ڪري پاڪستان خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ نه کيڏي سگھندو. واضح رهي ته ڪمار سنگاڪارا پهريان ئي ون ڊي ڪرڪيٽ ۽ ٽي ٽوئنٽيءَ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي، هن ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات 2000ع ۾ گال جي هنڌ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ سان ڪئي هئي جڏهن ته سنگاڪارا 131 ٽيسٽ ميچن ۾ 58.43 جي سراسريءَ سان 38 سينچريون ۽ 52 ففٽين جي مدد سان 12 هزار 2 سئو 71 رنسون اسڪور ڪيون آهن. بهترين رانديگرن پنهنجي ڪيريئر ۾ وڪيٽن پويان 179 شڪار ڪيا، جڏهن ته 20 رانديگرن کي اسٽمپ ڪري آئوٽ به ڪيو. ڪمار سنگاڪارا جي رٽائرمينٽ تي سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاران خاص تقريب به رٿي ويندي جنهن ۾ ڪرڪيٽ سميت ٻيون اهم شخصيتون به شرڪت ڪنديون. تقريب ۾ ڪمار سنگاڪارا کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *