ڪرڪيٽ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: رڪي پونٽنگ

سڊني (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين رڪي پونٽنگ چيو آهي ته ڪرڪيٽ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪرپشن اسڪينڊ راند جي حسن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ڪرپشن ۽ ميچ فڪسنگ اسڪينڊلز ڪرڪيٽ کي وڪوڙي ڇڏيو آهي، منهنجي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اينٽي ڪرپشن ۽ انفرادي طور سمورن ملڪن جي بورڊز کي اپيل آهي ته هو رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن جي اعتماد جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ٺوس قدم کڻن. هن چيو ته ڪرپشن کان خراب ٻي ڪا شئي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *