ڪرڪيٽ جو آواز ۽ آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان رچي بينو لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ جو آواز مڃيو ويندڙ مشهور ڪمينٽيٽر رچي بينو 84 سالن جي مار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آسٽريليا جو ليجنڊري آل رائونڊررچي بينو ڊگهي عرصي کان چمڙي جي ڪينسر ۾ بتلا رهڻ کانپوءِ 84 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو رچي بينو آسٽريليا لاءِ 63 ٽيسٽ ميچون کيڏون جن مان ان کي 28 ۾ ڪپتاني جو اعزاز مليو هو ۽ ان جي ڪپتاني ۾ آسٽريليا هڪ به سيريز نه هارائي، بينو جو شمار آسٽريليا جي بهترين آل رائونڊرز ۾ٿيندو هو ۽ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار رنسون ٺاهڻ سان گڏ 200 وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهريون رانديگر هو ڪرڪيٽ جو آواز چيو ويندڙ رچي بينو 1964ع ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪرڻ لڳو ۽ تقريبن 40 سال ا پيشي سان لاڳاپيل رهيو ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ هن 2005 ۾ ڪمينٽري کي به الوداع چئي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *