ڪرن خان آمريڪا ۾ ٿيندڙ سائيڪلنگ تقريب ۾ شرڪت ڪندي

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اسٽار تيراڪ ڪرن خان آمريڪا ۾ مسلم ايٿيلٽس جي آگاهيءَ جي لاءِ ٿيندڙ سائيڪلنگ تقريب ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. ڪرن خان جو چوڻ هو ته ايوينٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي سندس لاءِ هڪ اعزاز کان گھٽ ناهي. ان سان پاڪستان جو نالو ٿيندو، آمريڪا ۾ ٿيندڙ ”مسلم ويمن ايٿيلٽس رائيڊ فار رائيٽس اينڊ اسپورٽس“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي مشهور تيراڪ ڪرن خان ڪري رهي آهي. 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ان ميگا ايوينٽ ۾ پاڪستان کان سواءِ سعودي عرب، ايران، افغانستان، اردن، مصر ۽ آمريڪا سان تعلق رکندڙ ايٿيليٽ حصو وٺي رهيون آهن. ڪرن خان جو چوڻ هو ته هوءَ هڪ تيراڪ آهي، جنهن جي لاءِ سائيڪلنگ هڪ مختلف شئي آهي پر ان باوجود اسپورٽش جي ترقي ۽ ماڻهن ۾ اسپورٽس بابت گھاهي جي لاءِ هوءَ ڪجھه به ڪري سگھي ٿي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ ايوينٽ ۾ ڪرن خان جي شرڪت سان پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ اميج بهتر ٿيندو ۽ سڄي دنيا ۾ اهو ثابت ڪرڻ جو به موقعو ملندو ته پاڪستان جون عورتون راندين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *