ڪرسٽيانو رونالڊو جي مارڪيٽ ويليو 30 ڪروڙ پائونڊ

لنڊن(اسپورٽس نيوز)پرتگالي اسٽرائيڪر ڪرسٽيانو رونالڊو لاءِ ڪوبه ڪلب 30 ڪروڙ پائونڊ آساني سان ڏئي سگهي ٿو جيتوڻيڪ هو ريئل ميڊرڊ کي ڇڏي مانچسٽر يونائيٽيڊ ۾ واپس اچڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿو رکي برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي رونالٽو جي ايجنٽ خورخي مينڊس جو چوڻ هو ته رونالڊو کي جيڪڏهن سڀاڻي ريئل ميڊرڊ پاڻ وٽان وڃڻ ڏئي ته ان کي 30 ڪروڙ پائونڊ ۾ خريد ڪري سگهجي ٿو پرتگالي فٽبال ڪپتان هينئر تائين جو بهترين رانديگر آهي، ان کي ڪنهن به نه ٿو ڀيٽي سگهجي 29 سالا رونالڊو کي هن سال مسلسل ٽيون ڀيرو دنيا جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ به مليو جنهن ۾ هن پنهنجي مخالف ارجٽينا جي اسٽار ليونل ميسي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو مينڊس کان پڇيو ويو ته رونالڊو جون خدمتون گهڻي رقم ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿيون ته هن چيو ته جيڪڏهن رونالڊو کي خريد ڪرڻ جي شرط هڪ اربڊالر هجي ته پوءِ به ان جهڙو ڳولڻ تمام ڏکيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به سبب  ان جو موجوده ڪلب ريئلر ميڊرڊ ان کي 30 ڪروڙ پائونڊ ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته ضرور  ڪو نه ڪو ان کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو، ياد رهي ته 2009 ۾ ريئلر ميڊر رونالڊو جون خدمتون 8 ڪروڙ پائونڊ جي عيوض مانچسٽر يونائيٽيڊ کان حاصل ڪيون هيون مينڊس اصرار ڪيو ته رونالڊو ريئل ميڊرڊ جو ئي حصو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *