ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ: نيوزيلينڊ پهرئين ڏينهن سريلنڪا خلاف 7 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنسون ٺاهي ورتيون

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ مهمان سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن راند پوري ٿيڻ تائين ڪپتان برينڊن مڪمل جي تيز رفتار سينچري جي مدد سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنسون ٺاهي ورتيون، ڪرائيسٽ چرچ جي هيگلي اوول گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي ڪپتان اينجليو ميٿيوز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته ڪيويز شاندار راند پيش ڪندي ان فيصلي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو ميزبان ٽيم طرفان برينڊن مڪلم شاندار  اننگز کيڏندي 132 بالن تي تيز رفتار 195 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 11 ڇڪا ۽ 18 چوڪا شامل آهن جڏهن ته جيمس نيشم 85، ڪين وليمسن 54، هيمش رٿرفورڊ 18، ٽام ليٿم 27، بي جي والٽنگ 26 ۽ راس ٽيلر 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته مارڪ ڪريگ 5 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي، سريلنڪا طرفان اينجلو ميٿيوز 2، سورنگا لڪمل، شمندا ايرنگا،ڌميڪا پرساد ۽ ٿارندو ڪشال هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *