اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽينس ٽيم جو ڪوچ ڪامران خليل اسڪول انيشيئيٽو پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ”سڀاڻي“ اربع واري ڏينهن چين روانو ٿيندو. اسلام آباد ٽينس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر فضل سبحان ٻڌايو ته پروگرام 2 کان 6 آڪٽوبر تائين چين ۾ منعقد ٿيندو ۽ پروگرام ۾ سموري ايشيا جا ڪو آرڊينيٽر شرڪت ڪندا. جنهن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.