ڏکڻ آفريڪا يو اي اي کي هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا يو اي اي کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 146 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ان ڪاميابي کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي سيٽ پڪي ڪري ورتي آهي پروٽيز پهريان کيڏند ي341 رنسون ٺاهيون، اي بي ڊويليئرز 99 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي نروس نائنٽيز جو شڪار ٿيو، روسو 43، ملر 49 ۽ فرحمان بهاردين جارحاڻي بيٽنگ جندي 33 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون، يو اي اي طرفان مهمد نويد 3 وڪيٽون وٺي نمايان بالر رهيو، هدف جي حاصلات ۾ يو اي اي جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 195 رنسون ٺاهي سگهي، شيمان انور 39، امجد علي 21 ۽ سواپنل پاٽل 57 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ڏکڻ آفريڪا طرفان فلينڊر، مورڪل ۽ ڊويليئرز 2،2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته اسٽين، ڊوميني ۽ عمران طاهر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، فهد الهاشمي زخمي ٿيندڙ سبب بيٽنگ نه ڪري سگهيو اي بي ڊويليئرز کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ  تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *