ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ ميزبان ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي شهر ايسٽ لنڊن ۾ کيڏي ويل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ ۾ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي ڪپتان هولڊر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم جا بيٽسمين ڏکڻ آفريڪي بالرز آڏو بيوس نظر آيا ۽ 33 ڏهائي 4 اوورس ۾ صرف 122 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران مارلن سموئلز 26، ڪارٽر 18، هولڊر 17۽رسل 16 رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا،جڏهن ته ڪرس گيل هڪ رنز ٺاهي سگهيو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران عمران طاهر 7ڏهائي 4 اوورس ۾ 28 رنز ڏئي 4، وڪيٽون حاصل ڪيون، فلينڊر 3، ڊيل اسٽين 2، جڏهن ته مورني مورڪل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڏکڻ آفريڪي ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران مليل 123 رنز جو ٽارگيٽ 24 ڏهائي 4 اوورس ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري سيريز  به پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ڏکڻ آفريڪا پاران هاشم عاملا 61۽ ڊيو پلاسيز 51 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏکڻ آفريڪا فاسٽ بالر ورنر فلينڊر کي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *