ڏکڻ آفريڪا هٿان آئرلينڊ کي 201 رنسن جي تان شڪست

ڪينبرا:(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا آئرلينڊ کي 201 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 411 رنسون اسڪور ڪيون، جس جي جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 210 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، هاشم آملا ۽ ڊوپليسي شاندار اننگز کيڏي، ٻنهي رانديگرن سينچريون هنيون، ٻئين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 247 رنسن جي پارٽنرشپ به قائم ڪئي ڊولپيسي 109 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هاشم آملا 159 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ڊويئيلرز 24 رنسون ٺاهي سگهيو، ملر ۽ روسو پنجين وڪيٽ تي 110 رنسن جي پاٽنرشپ ڪئي، روسو جو حصو 61 ۽ ملر جو 46 رنسون رهيو، ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن تي 411 رنسون ٺاهيون جيڪو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو ٻيون وڏو اسڪور به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *