ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ سڀاڻي اربع تي بغالو پارڪ ايسٽ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي ڪاري آنڌي خلاف پنج ميچن جي سيريز م 0-2 جي سرسي حاصل آهي. پروٽيز پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 61 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻين ميچ ۾ وڏي مارجن 148 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي مجموعي سرسي حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ م سيريز جي چوٿين ميچ 25 جنوري تي سينٽ جارج پارڪ، پورٽ الزبٿ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 28 جنوري تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *