ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ اڄ آمهون سامهون ٿينديون

ڊربن (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ (اڄ) اربع تي ڊربن ۾ کيڏي ويندي.ڪاري آنڌي کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. سيريز ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاري آنڌي پروٽيز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. جڏهن ته ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪاري آنڌي پروٽيز کي 4 وڪيٽن تان هارائي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي. ان کان اڳ کيڏيل ٽيسٽ سيريز ۾ پروٽيز ڪاري آنڌي کي 0-2 تان هارايو هو. ٽي ٽوئنٽي سيريز کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *