ڏکڻ آفريقا کي ٽين ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ شاندر ڪم بيڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: مارلن سيميوئلز

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ٽيم جي مشهور آل رائونڊر مارلن سيميوئلز چيو آهيته پروٽيز کي پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي مارلن چيو ته پروٽيز خلاف پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست باوجود ٽيم جا حوصلا مضبوط آهن. هن چيو ته پروٽيز خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ڪري پنهنجي ٽيم کي شاندار ڪم بيڪ ڏياريندس. هن چيو ته سندس جي ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ڏکڻ آفريقا کي ٽين ون ڊي ۾ شڪست ڏئي سيريز م واپس اينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *