ڌوني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 250 ڪيچ پڪڙيندڙ دنيا جو ڇهون وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) ڀارت ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ اسٽار وڪيٽ ڪيپر مهندرا سنگهه ڌوني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 250 ڪيچ پڪڙڻوارو دنيا جو ڇهون وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو آهي. ٽيسٽ جي تاريخ ۾ وڪيٽن جي پٺيان وڌيڪ ڪيچ پڪڙڻ جو عالمي رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا جي مارڪ بائوچر وٽ آهي، هن 532 ڪيچ پڪڙيا آهن. جمعي تي ميلبورن ۾ آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ڌوني جڏهن ميدان تي لٿو ته هن کي اهو اعزاز مڪمل ڪرڻ لاءِ فقط 2 ڪيچز جي ضرورت هئي، جيڪي هن 2 ڪيچ پڪڙي اهو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ان اعزاز سان هي دنيا جو ڇهون وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *