ڌوني ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم کي مسلسل ڪاميابيون ڏياريندڙ ٻيون ڪامياب ترين ڪپتان بڻجي ويو

هيملٽن(اسپورٽس ني: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني پنهنجي قيادت ۾ ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ مسلسل 8 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي جو رڪارڊ ٽوڙي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪامياب ترين ڪپتانن جي فهرست ۾ ٻئين نمبر تي اچي ويو، ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ پنهنجي قيادت ۾ 2003 کان 2011ع جي وچ ۾ 3 ورلڊ ڪپ مسلسل 24 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ هو ورلڊ ڪپ ۾ ڪامياب ترين ڪپتان ثابت ٿيو جڏهن ته ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٻيون ڪامياب ترين ڪپتان آهي جنهن جي قيادت ۾ ڀارتي ٽيم 2011 ۽ موجوده ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل 9 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان کان اڳ هي اعزاز اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي کي مليل هو جنهن 2003ع جي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم جي جهولي ۾ مسلسل 8 ڪاميابيون وڌيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *