ڊيوڊ هسي (اڄ) تسمانيا جي خلاف شيفلڊ شيلڊ ميچن جي سينچري مڪمل ڪري وٺندو

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلين آل رائونڊر ڊيوڊ هسي (اڄ) ڇنڇر تي تسمانيا جي خلاف شيفلڊ شيلڊ ميچن جي سينچري مڪمل ڪري وٺندو. هسي ميٿوويڊ جي غير موجودگي ۾ وڪٽرين ٽيم جي اڳواڻي به ڪندو. سال پهرئين وڪٽوريا حيران ڪندڙ ڊيوڊ هسي کي اسڪواڊ مان ڪڍي ڇڏيو هو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ وڪٽوريا کي ان تجربي جي ٻيهر ضرورت پئي ۽ هو اسڪواڊ ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هسي (اڄ) ڇنڇر تي وڪٽوريا جي خلاف شيفلڊ شيلڊ ميچن جي سينچري مڪمل ڪندو. هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ 6 رانديگر بڻجي ويندو، ان کان پهرين بريڊ هوج، ڊيرن بيري، ڊين جونز، ميٿو ايليٽ ۽ ري برائٽ به اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *