ڊيل اسٽين ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مخايا اين ٽيني جي وڌيڪ وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽاف فاسٽ بالر ڊيل اسٽين ٽيسٽ ميچن ۾ پنهنجي ئي هم وطن بالر مخايااين ٽيني جي وڌيڪ وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، اسٽين ملڪ طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ شان پولاڪ کان پوءِ وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٻيو بالر بڻجي ويو آهي، هن ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ دنيش رامدين کي آئوٽ ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو، ڏکڻ آفريقا طرفان ٽيسٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز شان پولاڪ کي حاصل آهي، جنهن 108 ميچن ۾ 421 وڪيٽون ورتيون آهن، جڏهن ته اسٽين 78 ميچن جون 97 اننگز کيڏي 391 وڪيٽون ورتيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *